اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ صحت جي ق??مي اداري (اين آءِ ايڇ) اسلام آباد جي صوبن سان سهڪار وڌائڻ ۽ صحت بابت معاملن ۽ بيمارين جي باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، صحت جو ق??مي ادارو ملڪ جي عوام کي صحت جي معياري خدمتن جي فراهمي ۾ واکاڻ جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ڏينهن صحت جي ق??مي اداري (اين آءِ ايڇ) جي دوري جي موقعي تي ڪيو، وزيراعظم هڪ بريفنگ جي صدارت به ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي نيشنل هيلٿ ڪيئر ۾ صحت جي ق??مي اداري جي ڪردار، اداري جي طريقيڪار ۽ مستقبل جي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشنز ڪوآرڊينيشن جو وفاقي وزير پروفيسر محمد يوسف شيخ ۽ صحت وارو وفاقي سيڪريٽري به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا