ننڪانه صاحب – 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايندڙ ڪج??ه سالن ۾ خطي جي مضبوط طاقت ۽ ايشين ٽائيگر جي حيثيت سان اڀرندو، خنجراب کان گوادر تائين عظيم شاهراتي نظام قائم ڪيو پيو وڃي جيڪو سرحدن کان ٻاه?? وچ ايشيا کي به ڳنڍيندو، اسان سياسي مخالفن کان نه اڳ ۾ گهٻرايو آهي ۽ نه ئي وري اڳتي گهٻرائينداسين، تعمير ۽ ترقي جو پنهنجو مشن جاري رکنداسين. ايم ٿري موٽروي جي لاهور – عبدالحڪيم سيڪشن جي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم منصوبو مقرر وقت کان چار مهينا اڳ مڪمل ٿيڻ تي ??ين ايڇ اي ۽ چيني اداري کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آئون ??ين ايڇ اي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جو ٿورائتو ??هي??ن جيڪي تمام پرعزم آهن. هن چيو ته بلوچستان پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ وڏن منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته آئون ان منصوبي جي معائني لاءِ هتي آيو ??هي??ن ته جيئن ان جي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺي سگهان.
پاڪستان تمام جلد ايشين ٽائيگر جي حيثيت سان اڀرندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری