اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ت??ريڪ انصاف کي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس جي حوالي سان قانونن ۽ ضابطن کان پهرين ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پي آءِ ڊي ۾ صرف حڪومتي آفيشلز ۽ وزير ئي پريس ڪانفرنس ڪري سگهن ٿا، تحريڪ انصاف کي قانونن جي خلاف ورزي جي عادت پئجي چڪي آهي، هو سمجهن ٿا ته هو ڪٿي به وڃي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، وڏي آواز ۾ ڪنهن اداري کي گاريون ڏئي ان کي دٻاءُ ۾ نٿو آڻي سگهجي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پي آءِ ڊي ۾ پهرين به پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين خط جي ذريعي ل??ي ان بابت آگاهي ڏني وئي هئي ته ڪير هتي پريس ڪانفرنس ڪري سگهي ٿو ۽ پي آءِ ڊي جا قانون ۽ ضابطا ڪهڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن