ڪ??يت سٽي – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پا??ستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي ۽ سازگار ماحول موجود آهي ۽ ڪويت جي و??پا??ي برادري پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه ڪويت جي ببيان پيلس ۾ ڪ??يت چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي. اهم اقتصادي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ معيشت بحال ٿي آهي، ناليوارن عالمي ادارن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، جي ڊي پي گروٿ، گهٽ ناڻي واڌ جي شرح ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي نئين بلندين ۾ پا??ستان جي زبردست ڪاميابين کي ساراهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ