اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سيپٽمبر مهيني جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽ??ڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي مدد بابت 14 سيپٽمبر 2016ع تي پيرس ۾ او اي سي ڊي تحت گهڻ رخي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پڻ ان موقعي تي موج??د هو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار ترقياتي هدفن جي پروگرام، ٻٽن ٽيڪسن کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽ??ڪس جي حوالي سان مالياتي چوري کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مع??هدي تي صحيحن جي لاءِ ٽئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني آهي، آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽ??ڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا ٽ??ڪس قانون ترميمي آرڊيننس 2016ع ۽ پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽ??ڪس جي تعين جي پڻ منظوري ڏني.
ڪابينا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو