گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي)دنيا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت کي سندس ويجهن ساٿين يا خاندان جي ٻين ماڻهن هٿان قتل ڪيو ويندو آهي. عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو. 60 سيڪڙو عورتن جو قتل ??يجها ساٿي يا خاندان جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ٻن ايجنسين يو اين وومين ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوه?? بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) طرفان تيار ڪيل ٻن رپورٽن فيميسائيڊز ان 2023 فيملي ميمبر فيميسائيڊ ۾ مرتب ڪيل دستياب انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي عورتن، منشيات ۽ ڏوه?? بابت آفيس چيو آهي، ته عالمي سطح تي 2023ع دوران اٽڪل 51 هزار 100 عورتن ۽ ڇوڪرين جي موت جو ذميوار هڪ ويجهو ساٿي يا خاندان جو فرد هو. گڏيل قومن مطابق ا??و انگ 2022ع ۾ 48 هزار 800 هو جڏهن ته گذريل سال ان ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ساٿين ۽ خ??ندان هٿان سڀني کان وڌيڪ عورتون آفريقا ۾ قتل ??يون، ان کان پوءِ آمريڪا ۽ اوشيانا جو نمبر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾، گهريلو تشدد ۾ مارجي ويل اڪثر عورتن جي شرح (ترتيب وار 64 سيڪڙو ۽ 58 سيڪڙو) آهي.
عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب