واشنگٽن-13 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چو??ڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ بيان ۾ چيو آھي ته پيٽ ھيگسته کي اھم ذميواري ڏيڻ آمريڪا جي دشمنن کي اهو پيغام ڏيڻ آھي ته اسان جي فوج ھڪ ڀيرو ٻيھر عظيم ٿيندي ۽ اسان جو ملڪ پوئتي نه ھٽندو. پيٽ ھيگسته بھادر ۽ محب وطن چيمپئن ثابت ٿيندو جيڪو اسان جي طاقت ذريعي امن پاليسي تي ڪم ڪندو. نئين چو??ڊيل صدر اعلان ڪيو ته ھو نيشنل انٽيليجنس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف کي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي سربراھي لاءِ نامزد ڪري رھيو آهي، آرڪنساس جي اڳوڻي گورنر مائيڪ ھڪابي کي اسرائيل ۾ سفير ۽ پنھنجي پراڻي دوست سٽيون وٽ ڪوف کي وچ اڀر لاءِ خصوصي نمائندو چو??ڊيو آهي. اعلان دوران ٽرمپ پنھنجي پھرين انتظاميا جي ڪيبينيٽ سيڪريٽري بل ميڪ گينلي کي به وائيٽ ھائوس جي وڪيل طور نامزد ڪيو. نئين چو??ڊيل صدر چو??ڊ مھم ۾ حصو وٺندڙ سندس دوست ايلون مسڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي جي وويڪ رامسوامي کي به حڪ??مت جي ٻاھرين ڪارڪردگي تي نظر رکڻ جا عھدا ڏنا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي اندر اڳوڻي صدارتي اميدوار رھڻ وارو وويڪ رامسوامي ھڪ نئين حڪ??متي کاتي جي ڪارڪردگي جي قيادت ڪندا. ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ ۽ رامسوامي وائيٽ ھائوس کي مشورا ڏيڻ ۽ رھنمائي فراھم ڪرڻ لاءِ حڪ??مت کان ٻاھر ڪم ڪندا. ھن چيو ته نظام ۾ وڏي پيماني تي تعميراتي ڌانچي جي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ حڪ??متي آفيس مينيجمينٽ اينڊ بجيٽ سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ حڪ??مت جا ڪم ڪرڻ لاءِ اھڙا قدم کنيا ويندا جيڪي اڳ ڪڏهن نه کنيا ويا آھن.ياد رھي ته پيٽ ھيگسته فوج جي سروس دوران عراق ۽ افغانستان ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي، ھو فاڪس نيوز جي ملازمت کان اڳ منيسوٽا رياست مان 2012ع ۾ سينيٽ چو??ڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ پارليامينٽ جو ميمبر پڻ رھي چڪو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب