ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائي اڏي کي ڪارگو جهاز جي هنگامي لينڊن?? سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن ايٽلس ايئر جو لاس اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو جهاز هائيڊرالڪ ??سٽ?? جي خرابي سبب ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽائر ڦاٽي پيو . حادثي سبب هوائي اڏي جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽران??پو??ٽ واري وزارت مطابق ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن مان ڪو به زخمي ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين اڏامن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ