گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اسرائيل سلام??ي ڪائونسل کي ??ذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلام??ي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلام??ي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي ??نظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل انهن ??ئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل خلاف ڪنهن به فورم ??ي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانون?? حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔