اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار خطي سميت اتر/ اولهندي بلوچستان، خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن، گلگت بلتستان، ڪشم??ر ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ان دوران شام ۽ رات جي وقت ۾ خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن ڪجهه هنڌن تي وچولي کان شديد برسات/ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌي رهي، جڏهن ته اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ٿي. پنجاب جي اڪثر ۽ اپر سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو، گوپس ۾ ڪ??ٽو 09، ليه ۾ ڪ??ٽو 08، گلگت ۾ ڪ??ٽو 06، اس??ور ۾ ڪ??ٽو 05، هنزه ۽ چترال ۾ ڪ??ٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
اسلام آباد سميت مُلڪ جي مُختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino