اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪا??رواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪا??روايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪا??روائي دوران شهادت م??ڻي??دڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس ??لي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪا??روايون ڪري رهي آهي.
صدر آصف علي زرداري پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل