اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون دوران مرڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي ڊائريڪٽر شهزاد بخاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر مح??د افضل خان نيازي جي نگراني ۾ مختلف ذريعن کان ملندڙ شڪايتن تي اسڪينڊل جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي. جاچ ۾ بدعنواني ۽ دوکيبازي جو هڪ پيچيده ڄار بي نقاب ٿيو جنهن ۾ مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري ان اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار جي طور تي سامهون آيو. سب انسپيڪٽر احتشام گوندل غيرقانوني ڀرتين جي اسڪينڊل ?? ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ??يو جن ۾ تيمور ارشد، فواد احمد خان، سعد يوسف ۽ قيصر جاويد شامل آهن جڏهن ته اسڪينڊل جي مرڪزي جوابدار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاريون ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن خصوصي جج سينٽرل اسلام آباد گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي اسڪينڊل ?? ملوث ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار مبينا طور تي وڏي پئماني تي ڀرتي اسڪينڊل ?? ملوث هئا جنهن ۾ انهن فنڊز جو غبن ??يو ۽ ڀرتي جي عمل ۾ بي ضابطگيون ڪيون. ان اسڪينڊل جي ڪري اي پي پي سي ۽ قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان پهتو ۽ ڀرتي جي عمل جي شفافيت تي سوال اٿيا. ايف آءِ اي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ??يو آهي جن ۾ ارشد مجيد چوڌري شامل آهي ۽ ان اسڪينڊ جي مڪمل حد تائين جاچ جي لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ادارو غبن ٿيل فنڊز جي وصولي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد بدعنواني جي خاتمي ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ادارو شهرين کي اپيل ڪري ٿو ته اهي بدعنواني يا ڪن??ن به قسم جي بي ضابطگي جي اطلاع ڏين ۽ يقين ڏياريون ٿا ته سمورين شڪايتن جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ان تي عمل ??يو ويندو.
ايف آءِ اي جو اي پي پي سي ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون، مرڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر