اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي 11 منصوبن تي غور ڪ??و جن مان 172.7 ارب رپين جي 10 منصوبن جي منظوري ڏني وئي. صحت واري وزارت پاران وڌيڪ وضاحت جي لاءِ هڪ منصوبو ملتوي ??يو ويو، منظور ٿيل منصوبن مان 6 بلوچستان ۾ آهن. منظور ٿيل منصوبا بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبن ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي شعبي بابت آهن. ڪراچي جي لاءِ 29.2 بلين رپين جي لاڳت سان سالڊ ويسٽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ منصوبي جي منظوري پڻ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج