اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڀاڻ جي وقت سر دستيابي لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا قدم کڻي ره??ا آهن،ڀاڻ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جي??ن آبادگارن تي مالي بار نه پوي. اهڙو اظهار هن ڪالهه فرٽيلائيزر ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀاڻ جي ڪا به کوٽ نه آهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج ۾ وا?? ٿي ره?? آهي جنهن جي امڪاني سببن ۾ زرعي پيداوار ۾ وا?? ۽ آبادگارن طرفان زمين جي زرخيزي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون شامل ٿي سگهن ٿيون. اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پوزيشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيري تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ٻنهي جي ڪا به کوٽ ناهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج وڌي ره?? آهي ۽ ان جي کپت ۾ 44 سيڪڙو وا?? ٿي آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته پن??اب حڪومت جي جاري ڪيل آبادگار ڪارڊ سبب گهرج وڌي وئي آهي، آبادگارن جي ضرورتن کي پورو ڪر?? لاءِ ڀاڻ جو اضافي ذخيرو موجود آهي. هن جو چوڻ هو ته آبادگار ربيع جي مند ۾ ڊي اي پي جي مناسب استعمال سان وا??و پيداوار حاصل ڪندا، آبادگارن جي خوشحالي سان ملڪ ترقي ڪندو. ذخيرو ڪر?? ۽ قيمتن ۾ ڦيرگهير خلاف صوبا سخت ڪارروائي ڪن.
ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی