اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام واضح مؤقف آهي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تشدد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي مسئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنياد?? اصول?? کي نقصان پهچائي ٿو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي واضح مؤقف آهي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورت?? کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ا?? کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روي?? کي چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن جيڪي عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته گهريلو تشدد، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسمن جي صنفي تشدد پاڪستان ۾ لکين عورت?? کي متاثر ڪيو آهي، اسا?? کي روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف تشدد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستاني?? کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تشدد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔