حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ??ضر?? شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقر??بن جي ٻئي ڏينهن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڀٽ شاه?? درگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي ساڻس ثقافت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار عل?? شاهه ساڻس گڏ هو. درگاهه تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ جيڪو ??لس??و آهي اڄ جي دور ۾ ان ??لس??ي کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. شاهه سائين جي ??لس??ي ۾ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ملي ٿو.
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته ناانصافيين ۽ ڏاڍ جي ان دور ۾ شاهه لطيف رح جو پيغام ظلم اڳيان نه جهڪڻ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ آهي. امن، محبت، عورتن جا حق شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعري جو ??لس??و آهي. هن چيو ته سنڌ جي شاعرن هميشه بيدار رهڻ ۽ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، شاهه جو رسالو جيڪو امن ۽ محبت جو منشور آهي دنيا کي هن وقت لطيف سائين جي ان ??لس??ي ۽ فڪر جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون به غر??بن کي نوڪريون ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 9 سال جيل ڪاٽي ۽ اسانجي قيادت کي پڻ جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. هن چيو ته سمورا ادارا خود مختيار آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار عل?? ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ شاهه لطيف جي شاعري، ??لس??ي ۽ پيغام کي ڦهلايو وڃي ته جيئن نوجوان ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن سينيٽ چيئرمين کي گذارش ڪئي ته هو چئني صوبن جي گورنرن کي خط موڪلي ته يونيورسٽين ۾ شاهه جو رسالو رکيو وڃي ته جيئن نوجوان مطالعو ڪري سگهن. صوبائي وزير سيد ذوالفقار عل?? شاهه، نامور اديب اياز لطيف پليجو، مدد عل?? سنڌي، تاج جويو ۽ ٻين محققن شاهه سائين جي فن، فڪر ۽ ??لس??ي تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني درگاهه ??ضر?? شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ پڻ ٻڌو.