اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان ??سم??عيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ??سم??عيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف ??هي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پرڏيهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي وزير تهران ۾ ??سم??عيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان ??سم??عيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ ??سم??عيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. ??سم??عيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف ??هي. ايراني وقتي پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم سان ان معاملي تي پرڏيهي وزيرن يج سطح تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.
سينيٽر اسحاق ڊار جو وقتي ايراني پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار