اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته معاشي ت??قي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ??ي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪ??مت نوجوانن کي معياري ت??ليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينهن ج?? حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان آبادي جي مسئلن جي اهميت ۽ قومي ت??قي تي ان جي گهري اثرن تي غور ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهيون. پاڪستان جي آبادي، جنهن جو ڪاٿو هن وقت اٽڪل 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ان ۾ 2.55 سيڪڙو جي بلند ترين شرح سان اضافو ٿي رهيو ۽ اندازو لڳايو ويو آ??ي ته پاڪستان جي آبادي 2030ع تائين 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع تائين 38 ڪروڙ 30 لک ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته هن سال جي آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”سڀني جي لاءِ هڪ لچڪدار ۽ برابر مستقبل جي لاءِ جامع ڊيٽا جي تياري“ آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ اسان جي ويزن جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ته اسان جي پاليسين ۽ پروگرامن ۾ سڄي پاڪستان مان هر شخص، ڪميونٽي ۽ آواز کي شامل رکيو وڃي. جامع ڊيٽا اسان کي صحت ۽ تعليم کان وٺي معاشي موقعن ۽ سماجي ت??فظ تائين انهن شعبن جي نشاندهي جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسان جي ڪوششن جا گهرجائو آ??ن. وزيراعظم چيو ته معاسي ت??قي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ??ي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي حڪ??مت کي مختلف ضرورتن ۽ آبادي جي چئلينجز جو پوري طرح ادراڪ آهي. اسان هڪ اهڙي معاشي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا جتي پنهنجي وسيلن ۽ ترقي جي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي. وزيراعظم چيو ته آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو اهو تناسب ملڪ جي لاءِ موقعن ۽ چئلينجز جو سبب آهي. هڪ طرف پاڪستان جا نوجوان معاشي ت??قي، جدت ۽ سماجي ت??قي کي اڳتي وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا، ٻئي ??رف نوجوانن جي وڏي آبادي کي ت??ليم، روزگار ۽ سماجي انضمام ج?? حوالي سان پڻ چئلينجز درپيش آهن. اسان جي حڪ??مت تيزي سان اڀرندڙ عالمي معيشت ۾ مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ان نوجوان نسل کي معياري ت??ليم ۽ هنر جي ت??بيت فراهم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين، سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن تي زور ڏنو آ??ي ته اهي بهتر مستقبل جي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائين. اسان هڪ اهڙو پاڪستان جوڙي سگهون ٿا جتي ماڻهن کي آبادي جي پائيدار واڌويجهه جي ذريعي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي جي زندگي ميسر هجي.
معاشي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج