اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حف??ظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي س??ڪي??رٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذر??عي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي س??ڪي??رٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي حف??ظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي. چيني شهرين بابت س??ڪي??رٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اجلاس دوران گهرو وزير کي چيني شهرين جي حف??ظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.
چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ