لاهور – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??وج??ان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستاني شاگردن تي آهي، بشڪيڪ مان واپس اين??ڙ شاگر??ن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، الله جو شڪر آهي ته بشڪيڪ واقعي ۾ ڪو پاڪستاني شاگرد فوت نه ٿيو. اها ڳالهه هن علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بشڪيڪ مان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان ايندڙ 170 پاڪستاني شاگر??ن جي استقبال جي موقعي صحافين سان ڳاهلائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرغزستان جي مقامي ايئرلائين ايرو نوميڊ جي چوٿين اڏام اڄ پاڪستان پهتي آهي جنهن ۾ 170 پاڪستاني شاگرد وطن واپس آيا. مجموعي طور تي 540 شاگرد پاڪستان واپس پهچي چڪا آهن. هن چيو ته بشڪيڪ ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي، اسان جي شاگردن ۾ خوف ۽ هراس ڦهليل رهيو، وزيراعظم هر لمحو پاڪستاني سفير سان رابطي ۾ رهيو، هن شاگر??ن جي پريشاني تي فوري ايڪشن ورتو. هن چيو ته پاڪستاني شاگر??ن جي سهولت لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته شاگر??ن جي تحفظ ۽ انهن جي تعليم جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستاني شاگردن تي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته شاگردن کي حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس موڪليو وڃي ته جيئن اهي پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پاڪستان واپس اين??ڙ شاگر??ن جي استقبال لاءِ وزير ايئرپورٽس تي موجود آهن ته جيئن شاگردن کي اهو احساس نه ٿئي ته اهي اڪيلا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته شاگرد اسان جو مستقبل آهن، انهن کي ڪا مشڪل نه ٿئي، حڪومت انهن جا معاملا پاڻ ڏسي رهي آهي، اسان جي اولين ڪوشش هوندي ته پاڪستاني شاگر??ن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جو شڪر آهي ته پاڪستان جي حوالي سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، اسان کي ان واقعي تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ??ڪ اسپيشل فلائيٽ زخمي شاگردن کي کڻي پاڪستان اچي رهي آهي، ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ايئرپورٽ تي پاڪستان پهچن??ڙ شاگر??ن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي شاگردن ۽ انهن جي خاندانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير يقين ڏياريو ته شاگر??ن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
نوجوان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستاني شاگردن تي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ