اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي ??ٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ دف??عي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل م??اد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي ??اڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي ??اءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪستان سان دف??عي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??روغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿ??. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ دف??عي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد