اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي پرڏيهي ??يڪريٽري رياض کوکر جي ??اڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي ??يڪريٽري جي سفارتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رياض کوکر جي ??اڏ??ڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، رياض کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شامل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نما??ند??ي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن سان نوازيو ۽ علمي خدمتون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ملڪ جي لاءِ سفارتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ رياض کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ