اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير ??ال??ي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مرضي ۽ ??ال??ي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي ??ي حيثيت بابت ه??طر??و فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ ع??ال??ي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي ??ال??ي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي ه??طر??ي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو ??ال??ي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ??مايت جاري رکندو.
اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے