اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي جي کوٽ کي موسمياتي تبديلين کان متاثر پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان فطرت تي ٻڌل حل ۽ پاڻي جي تحفظ بابت شهري احساس کي فروغ ڏيڻ جهڙا فوري قدم کڻڻ جي اهم ضرورت آهي، هن پاڻي بابت آفتن بشمول کوٽ کي موسمياتي ايمرجنسي جي هڪ وڏي علامت قرار ڏنو ۽ حڪومتن، ڪاروباري ادارن ۽ شهرين پاران ان مسئلي کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇهين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪي??. هن چيو ته عوام کي شعوري طور تي پاڻي جي استعمال جي تعليم ڏئي ان بابت روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ منعقيد ٿيندڙ ان ??انفرنس ۾ ماحوليات ۽ غذائي تحفظ بابت مقامي ۽ عالمي م??هرن شرڪت ڪئي جن موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ ملڪ کي درپيش پاڻي بابت سنگين چئلينجز تي روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته پاڻي جي کوٽ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قديم طريقن جي طرز تي پاڻي ذخيرن جي فن تعمير کي اختيار ڪر?? ضروري آهي. هن چيو ته پاڻي جي بچت جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻوڏ ۽ ڊرپ ايريگيشن جو انتظام ڪر?? سان به غذائي تحفظ جي م??ئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر پاڻي جي قيمتن جي تعين جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن شهرين ۾ ان قدرتي نعمت جي ذميواراڻي استعمال بابت احساس پيدا ڪري سگهجي، اسلام بحيثيت مذهب قدرتي وسيلن جهڙوڪ پاڻي جي زيان ??ان بچڻ جي لاءِ احتياط ڪر?? جي تعليم ڏي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي هڪ تحقيق ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ پاڻي جي خراب معيار جي وچ ۾ تعلق ظاهر ڪي?? ويو آهي، جيڪو جسم ۾ صحتمند معدنيات کي جذب ٿيڻ کان روڪي ٿو. صدر ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيور??ٽي ۾ پنجواڻي حصار واٽر انسٽيٽيوٽ جي قيام کي ساراهيندي ان ??ي قومي مقصد جي لاءِ خلوص ۽ عزم جو مظهر قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه پاڻي، خوراڪ ۽ روزگار جي تحفظ بابت مسئلن تي عملي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ڪانفرنس ۾ اينگرو ڪارپوريشن جي صدر غياث خان، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيور??ٽي ڊاڪٽر سروش لوڌي، چيئرپرسن حصار فائونڊيشن سمي ڪمال ۽ تعليمي م??هرن پڻ شرڪت ڪئي.
پاڻي جي کوٽ موسمياتي تبديلين کان متاثر پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔