اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان گلگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير گ??بر خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جي چين جي دوري ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گلگت ۽ سنڪيانگ ۾ واپاري رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي ياداشتن ۽ ٻين قدمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان گلگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. گلگت بلتستان جي وڏي وز??ر نگران وزيراعظم جي تازي گلگلت بلتستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان گلگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن