لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي ناليواري واپاري ۽ بوهو گروپ جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين عبدالله ڪماني لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران عبدالله ڪماني پاڪستان سان ڊگهي مدي وارا واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۾ ڪپهه ??ان ڪپڙي جي پيداوار تائين جي هڪ جامع سپلائي چين ٺاه?? جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان مان وڌندڙ درآمدات کي آسان بڻائ?? جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي فضائي رابطن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڙپڪاري کي آسان بڻائ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم کان آگاهه ڪيو ۽ ملڪ ۾ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز جي اندر مينوفيڪچرنگ سهولتون قائم ڪرڻ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي. نگران وزيراعظم بوهو گروپ کي پاڪستان سان تعاون وڌائ?? جي لاءِ گروپ جو وفد پاڪستان موڪل?? جي دعوت ڏني. ملاقات کي پاڪستان ۽ بوهو گروپ جي وچ ۾ اقتصدي تعاون ۽ واپار کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو. بوهو گروپ برطانيا جو ناليوارو آن لائين فيشن ريٽيلر گروپ آهي جنهن جي سالياني سيل هڪ ارب پائونڊ کان وڌيڪ آهي، ان جي مقبول برانڊز ۾ بوهو مين، پريٽي لٽل ٿنگ، مس پاپ، ڪيرن ملن، ڪوسٽ، اوسس ۽ ڊيبن هيمس شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي ناليواري واپاري ۽ بوهو گروپ جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين عبدالله ڪماني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں