اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عق??دت پيش ڪندي باهه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخ??ين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خلقِ خ??ا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو سارا??ه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخ??ين کي علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔