اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي برابر حقن جي فراهمي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين انهن جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي عورتن کي برابر موقعا فراهمڪري انهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي عنوان سان سولو نمائش ۾ عورتن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي عورتن بابت صحت جي مسئلن بشمول ڇاتيءَ جي ڪي??سر ۽ دماغي مرضن بابت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇاتيءَ جو ڪي??سر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي ??سئلا درپيش آهن، جن جي اڪثريت عورتن تي ??ڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪي??سر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مسئلن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني صحت جي سهولتن تائين پ??چ کي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪي?? آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي صحت جي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌرين جي مدد سان طبي مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ??ڌل چيٽ بوٽس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪر??نن?? سينٽر پاران ڪي?? تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا جي ذريعي انهن کي ڇاتيءَ جي ڪي??سر ۽ اسڪر??نن?? بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي عورتن بابت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ چيو ته ان جي پينٽنگز سماجي ۽ عورتن جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ان جي مضبوط وڪالت جي اعتراف ۾ يونيسڪو ان جي پينٽنگز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪي??، جيڪا 2002ع کان پ??رس ۾ ان جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي اهم رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽنگز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.
عورتن کي برابر حقن جي فراهمي معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي: بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : apostas quina