ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد فاضل ??اهو جي جمهوريت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ جدوجهد پاڪستاني تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري شهيد فاضل ??اهو جي ورسيءَ جي موقعي ??ي پنهنجي پيغام ۾ شهيد فاضل ??اهو کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد فاضل ??اهو هڪ بهادر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ هو?? ايم آر ڊي جي تح??يڪ دوران شهيد فاضل ??اهو شهيد بينظير ڀٽو سان گڏجي جدوجهد ڪئي. شهيد فاضل ??اهو جي جدوجهد قرباني ۽ اصول پسندي مشعل راهه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادگارن، مزدورن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ۽ انهن جي خوشحالي لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس