اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊ??ڪٽ?? قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته م??لمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ ??سل?? جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊ??ڪٽ?? قبله اياز چيو ته م??لمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea