اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار وار?? وزير ڊاڪٽر بندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياست?? وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعب?? ۾ ??طرفي تعاون جي فروغ ??مي?? گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي و?? ۾ ??اپار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع ??مي?? گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي و?? ۾ ??اپار، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موجود آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيه?? وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌ??ي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيه?? وزير پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي و?? ۾ ??طرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽ?? گناورڌنا سريلنڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
پاڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ