اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانس??ان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانس??ان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي ر??بط?? ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير افغانس??ان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانس??ان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانس??ان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي ??ابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪس??ان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪس??ان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ??ابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ??ابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪس??ان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير کي ??ارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪس??ان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪس??ان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ