اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ??لڪ ۾ هڪ ه??ار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 59 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، ??شا??ر ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 ه??ار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 ه??ار 937، پنجاب ۾ 21 ه??ار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 ه??ار 78، اسلام آباد ۾ 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ ه??ار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 ه??ار 385 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 ه??ار 937 آهي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 ه??ار 511 آهي .
سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر