اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي ??ي دعوت تي سريلنڪا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم جو سريلنڪا جو اهو دورو ٻن ڏينهن جو هوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم دوري دوران سريلنڪا جي صدر ۽ پنهنجي هم منصب سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته دوري دوران اعليٰ سطح جي ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، زراعت ۽ سائ??س ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن جي فروغ تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به ٿينديون. وزيراعظم جوائنٽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ 1948ع کان دوستي جو مضبوط تعلق قائم آهي. وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ??عا??ن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا روانو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام