غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آهي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آ??يو??، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آ??يو??، آبادگارن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي جو جا??زو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آ??يو?? ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.
حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل