اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن مطابق پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي حڪومت جي اقتصادي پاليسين جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران حڪومت جي نان ٽيڪس آمدني ۾ 140 سيڪڙو اضافو ٿيو. ملڪ جي واپاري خساري ۾ 35 سيڪڙو ۽ مالياتي خساري ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. روانگي واپار م اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي آئي. ايڪسچينج ريٽ ۽ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ استحڪام آيو. ان کان سواءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت پرڏيهه ۾ ڪم ڪند?? افرادي قوت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيط شيخ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو