اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان 50 لک گهرن جي تعمير جي منصوبي جو ايندڙ مهيني باقاعده آغاز ڪندو، منصوبي جي آغاز سان گڏ ئي رجسٽريشن جو عمل به شروع ڪيو ويندو، ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ ٽاسڪ فورس براءِ هائوسنگ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب جي هائوسنگ وارو وزير ميان محمود الرشيد، اسيمبلي ميمبر نجيب هارون، ڪواٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، ??ائريڪٽر جنرل آرمي لينڊ ميجر جنرل نويد صفدر، سيڪريٽري هائوسنگ ڊاڪٽر ??مر??ن زيب خان، ارشد داد، يعقوب طاهر اظهار، علي ظفر، ضيغم محمود رضوي، اخوت فائونڊيشن جي سليم رانجها ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظ?? کي ٽاسڪ فورس 50 لک گهرن جي تعمير بابت هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں