اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو، هو قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربراهه اجلاس ?? شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ڊسمبر تي ڊي ايٽ جي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ?? شرڪت ڪندو. بيان موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ جي ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهه اجلاس ?? وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙپڪاري جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪرڻ، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندو. هو ڊي ايٽ جي نظرين جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعا??ن کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندو. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز ت?? ڊي ايٽ جي خصوصي اجلاس ?? پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي اجلاس ?? شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا