اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ رياست جي رٽ قائم رکڻ اولين ترجيح آه??، پي ٽي آءِ احتجاج اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل سازش هئي، فائنل ڪال جي آڙ ۾ رت وهائڻ جي ناپاڪ منصوبابندي ڪئ?? وئي، وف??ق تي ڪاهه لاءِ صوبي جي وسيلن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي فسادي ٽولي کان ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهي آه??، پي ٽي آءِ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهي آه??، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آه??، فيڪ وڊيوز جو سهارو ورتو پيو وڃي، غير قانوني رهندڙ افغانين ۽ ڏوهاري ماڻهو سندن احتجاج ۾ شامل هئا، احتجاج ڪندڙن وٽ جديد هٿيار موجود هئا جن کي استعمال به ڪيو ويو، احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو، مهذب دنيا ۾ ڪٿي به هٿياربند ماڻهن کي احتجاج جي اجازت ناهي هوندي، جڏهن به ڪو اهم موقعو هوندو آه?? تڏهن اهي احتجاج جو سڏ ڇو ڏيندا، عوام پي ٽي آءِ جي ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست رد ڪري ڇڏي آه??، غير قانوني احتجاج جي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گهرو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغاز، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد چوڌري محمد علي رنڌاوا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون هلايون پيون ُوڃن، پي ٽي آءِ ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪوڙو بيانيو بڻائي رهي آه??.شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران به هنن احتجاج جو سڏ ڏنو، 2014ع ۾ به انهن جي ڌرڻي سبب چين جي وف?? جو دورو 7 مهينن تائين دير جو شڪار رهيو، هنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جا دروازا ٽوڙيا، ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي بي رحماڻو تشدد ڪيو، ان جو ڪهڙو سبب هو؟ هڪ مائينڊ سيٽ هو ته ڏنڊي جي زور تي رياست کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻو آه??. هن چيو ته رياستون گوڏا ناهن کوڙينديون، رياست جتي پنهنجا باقي فرض سرانجام ڏيندي آه?? اتي رياست جو ڪم رٽ قائم رکڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ به هوندو آه??. هن چيو ته اسان وٽ انٽيليجنس رپورٽون هيون ته فائنل ڪال جي آڙ ۾ قتل ۽ غارت، رتوڇاڻ ۽ لاشن جي سياست ڪئي ويندي. وف??قي وزير چيو ته گهرو وزير جي بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، افغانستان هڪ اسان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آه??، اسان افغانستان ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن جا خواهشمند آه??ون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتجاج کي غير قانوني قرار ڏنو، اسان کين مناسب جڳهه جي به آڇ ڪئي پر اهي ريڊ زون وڃڻ تي بضد هئا، انهن جو مقصد ڪهڙو هو؟ هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي لائيو ايمونيشن جي بلڪل اجازت نه هئي، لائيو ايمونيشن ۽ هٿيار انتشارين وٽ هو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ پروپيگنڊا ڪئي، پي ٽي آءِ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي وڊيوز ۽ جعلي تصويرن کي ڊي چوڪ جي مظاهري سان جوڙيو، ستم ظرفي ڏسو ته ڪرم ايجنسي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي لاشن جون تصويرون لڳائي چيو ويو ته اهي اسلام آباد جا آه??. هن چيو ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتالن طرفان بيان اچي چڪا آه?? ته ڪا به فوتگي ناهي ٿي، هن چيو ته فسادين انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جون وڊيوز موجود آه??. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي گرفتار شرپسندن چيو ته اسان کي پئسا ڏنا ويا هئا، پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب معيشت کي 192 ارب روپين جو روزاني نقصان کڻڻو پيو، جيئن ئي اها صورتحال ختم ٿي ته اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک جي حد پار ڪر?? وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وف??قي وزير چيو ته رياستون ڪمزور ناهن هونديون، رياستون صرف پنهنجي شهرين جو خيال ڪنديون آه??. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وف??قي وزير چيو ته صحافي مطيع الله جي حوالي سان ڪوشش آه?? ته معاملا خوش اسلوبي سان طئي ٿي وڃن. صحافي اسان لاءِ قابل احترام آه??، اوهان جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آه??. هن چيو ته ڪنهن قانون ۾ ناهي لکيل ته ڪنهن کي گرفتار دهشتگرد کي ميڊيا جي سامهون آندو وڃي، هڪ سوال تي وف??قي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آز??دي تي يقين رکي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته سمورن نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري ڊجيٽل ميڊيا جو قانون آندو وڃي. هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شرپسندن اسلام آباد جي 52 پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو، جڏهن ته مجموعي طور تي 192 اهلڪار زخمي ٿيا، جيڪي صرف پٿراءُ ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب زخمي ناهن ٿيا، انهن ۾ گهڻن کي گوليون به لڳيون آه??. هن چيو ته اسلام آباد انتظاميه هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آه??. اسلام آباد جو امن امان برقرا رکڻ حڪومت ۽ انتظاميه جي ذميواري آه??. هن چيو ته ڪوڙ هر ڪوئي ٻڌڻ چاهي ٿو پر سچ ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان سچ ڳالهائيندا رهنداسين.
شهرين جو تحفظ ۽ رياست جي رٽ قائم رکڻ اولين ترجيح آهي،فائنل ڪال جي آڙ ۾ پي ٽي آءِ رت وهائڻ جي ناپاڪ منصوبابندي ڪئي، غير قانوني احتجاج جي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت