لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد ??ظل??م فلسطينين تي اسرائيلي ڏ??ڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي اظهار ل??ءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته ??ظل??م فلسطينين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين سان يڪجهتيءَ جي اظهار ل??ءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏ??ڍ روڪرائڻ ل??ءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيلي فورسز غزه ۾ هزارين ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرائيلي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏ??ڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صح??في ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏ??ڍ روڪرائڻ ل??ءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا