اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻ??ي جو ساٿ ڏنو آهي، ??هشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه سان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن ??يو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪيه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ پاڪستان جي امداد ڪ??ي جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم ??يو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي سدا??ين حمايت ڪئي. هن ??يو ته ترڪيه پاڪستان ??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ پهرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستاڻن لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي حمايت ڪري ٿو. هن ??يو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي سدا??ين حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين سان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي دنيا جي ٻٽي معيار تي افسوس جو اظهار ڪندي ??يو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ??يو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پاڪستان ۾ رهندڙ ترڪيه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ ترڪيه جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي.
پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات