اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ زرعي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي ان حوالي سان گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪمت ع??لي تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي زمين جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن زرعي زمين کي رهائشي مقصد لاءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري ??گهجي. اجلاس جو مقصد زرعي زمين جي اثرائتي استعمال لاءِ گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو. اجلاس دوران پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري ??هي جڏهن ته 11 شهرن جا ماسٽر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ۽ باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي ??ائ??ن مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن اجلاس دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان جي تياري ??خري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ ??دا??تن جو انتظار آهي. وفاقي حڪومت کي ??دا??ت ڏني وئي آهي ته زرعي زمين کي رهائشي مقصدن لاءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. جنهن ۾ صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪيون وڃن،.
رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، زرعي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں