اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور م??مت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور م??مت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به ??عا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقع?? ۾ ??لوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر