اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لا??يشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کي پاڪ – ??لا??يشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ??لا??يشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسان ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??لا??يشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ??لا??يشيا روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس وفد کي نور خان ايئربيس تي الود??ع ڪيو. ان موقعي تي ??لا??يشيا جي وزيراعظم کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جي تصويرن تي ٻڌل البم پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ??لا??يشيا جي وزيراعظم سان پاڪ – ??لا??يشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته ??لا??يشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ سٺن لفظن ۽ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪ ??لا??يشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي مثبت اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي ??لا??يشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ??لا??يشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان ??لا??يشيا کي پراسيسڊ گوشت ۽ چانور جي برآمدات ۾ اضافي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ واپار ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ٿيو. دوري دوران ??لا??يشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان – ??لا??يشيا بزنس فورم ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ??لا??يشيا جي وزيراعظم کي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ نوازيو ويو.
ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش