اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آ??اني جي حوالي سان پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آ??اني جي حوالي سان پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جو دائرو وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آ??اني جي حوالي سان پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين جو سن??ل ونڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سن??ل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سن??ل ونڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سن??ل ونڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سن??ل ونڊو ڪ??پني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.
وزيراعظم پاران پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ