اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي تڪ اين اي 46 اس??ام آباد – I جي پولنگ اس??ي??ن اسلام آباد ماڊل اسڪول ڊوره ۾ سڀ کان پهرين ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير صبح 8 وڳي کان اڳ پولنگ اس??يشن پهتو ۽ سڀ کان پهرين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته ووٽ هڪ قومي فرض آهي، جنهن کي هر ذميوار شهري کي ادا ڪرڻو آهي. آزاداڻيون ۽ شفاف چو??ڊو?? ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائينديون آهن. هن چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي روشن مستقبل جي لاءِ عوام ووٽ ضرور وجهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ ووٽنگ جو عمل پرامن ۽ منظم طريقي سان مڪمل ٿيندو. واضح رهي ته تڪ اين اي 46 اس??ام آباد – I ۾ مجموعي طور تي 44 اميدوار هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آهن. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 3 لک 50 هزار 581 آهي، عورت ووٽرن جو انگ ??ڪ لک 66 هزار 656 جڏهن ته مرد ووٽرن جو انگ ??ڪ لک 83 هزار 925 آهي. تڪ اين اي 46 اس??ام آباد ۾ مجموعي طور تي 342 پولنگ اس??يشنز جڏهن ته 1033 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات