لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي ٿيلسيميا جي مرض جي روڪٿ??م جي لاءِ شاندار خدمتن تي منو ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪن??ي چيو آهي ته منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ٿيلسيميا جي روڪٿ??م جي لاءِ قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خالد عباس ڊار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته منو ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان پروگرام ۾ منو ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته منو ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاقي وز??ر چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿ??م جي لاءِ احتياطي تدبيرن ک?? ا??تيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان قانونن کي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته منو ڀائي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪن??و هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خاطر جلندا پيندا اي، حق دي خاطر لڙنا پيندا اي، جيون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خطاب ڪن??ڙن منو ڀائي کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ??رهايا.
منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری