اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام ج?? خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ??قصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي، پاڪستان اقتصادي سفارڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جون دوران جاري رهندڙ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جا سفير شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آجيان ڪندي سفيرن واري ڪانفرنس ۾ مباحثي جي فريم ورڪ ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ سفارتي چ??لينجز ۽ موقعن بابت هڪ مباحثي فورم جي طور تي ان جي اهميت جو خاڪو پيش ڪيو. هن پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ پرڏيهي آفيس جي اهم ڪردار ??ي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ان جي طرز عمل بابت اهم ضرورتن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ??يو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪ جي هڪ ترقي پسند، معاشي طور تي ترقي يافته رياست جي ويزن جي طور تي رهنمائي ڪرڻ گهرجي جيڪا پنهنجي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي کي ترجيح ڏي ٿي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ??قصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چ??رٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏ بيٺل رهندو، اقتصادي سفارتڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن ڪانفرنس کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي پس منظر ۾ وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ??نو. هن پاڪستان جي سفارتڪاري تي پنهنجي اعتماد جو ??رجاءُ ڪيو ۽ سفارتڪارن جي سخت مشڪلاتن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي جو ??ظاهرو ڪرڻ تي انهن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ??يو ۽ ان اميد جو اظهار ??يو ته هلندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ غور فڪر سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي چ??لينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي تجويزون ملنديون. نگران وزيراعظم پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني سفارتڪارن جي لاءِ پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو ??ثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم