لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ??ه موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لا??مي آهي، علم حاصل ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ي??ني??رسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وائيس چانسلر آءِ ٽي يو پروفيسر ڊاڪٽر عدنان نور، مختلف ي??ني??رسٽين جا وائيس چانسلرز، فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ معاشي بدحالي، عدم برداشت ۽ پرتشدد رويا شامل آهن. انهن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ شاگردن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي هن چيو ته قومون چئلينجز کي منهن ڏينديون آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آهي، انسانيت سمورن مذهبن جو نصب العين رهي آهي ۽ اهو ئي مقصد تعليم جو آهي ته اسان هڪ بهتر انسان بڻجون. هن چيو ??ه موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موسمياتي ايمرجنسي جا اثر هر ڏينهن ڏسون ٿا، اسان کي قدرتي ماحول جي تحفظ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منفي پروپئگنڊه جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي نگران وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه ماڻهو ريٽنگ جي چڪر ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا جنهن جو اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ي??ني??رسٽي جهڙيون ريسرچ ي??ني??رسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيون آهن، جيڪ??هن ان کي برقرار رکيو وڃي ??ه مشڪلاتن جو حل نڪري ايندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان حوالي سان ناليواري جرمن ڊراما نگار بهٽولٽ بريٽ جي مشهور ڊرامي ”دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول“ (ڇوٽ ۽ قاعدو) جي پرولاگ جو پڻ حوالو ڏنو. ڪانووڪيشن ۾ 524 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون ج??هن ته 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ي??ني??رسٽي پنجاب ۾ شاگردن جي لا??ِ هاسٽل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ