اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فاصلاتي ۽ آن لائين ??عل??مي نظام کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪرڻ لازمي آهي، معاشرو ??عل??م يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ??ند?? ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽين کي آن لائين ??عل??م ڏيڻ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ??عل??م جي فراهمي جي لاءِ آن لائين ايجوڪيشن کي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته ??عل??م طرف ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ۽ صحت جي صورتحال بهتر ٿيندي. صدر يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي چيو ته اهي معاشري ۾ پنهنجي مثبت ڪردار جي ذريعي ملڪ جي بهتر مستقبل ?? خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ??عل??م اهميت رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشري ۾ سٺي قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ??عل??م جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته اعليٰ ??عل??م يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. هن معاشري کي باسعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهي ??عل??م يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ??عل??م جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي طور تي ترقي ??ند??. هن چيو ته ملڪ کي ??عل??م ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي پڻ اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ آهي جن کي ??عل??م جي زيور سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ صدر ڪانووڪيشن دوران اعليٰ ??عل??مي ڪارڪردگي تي 34 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا.
موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪرڻ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena